چاولا ڪلپنا

چاولا ڪلپنا

ڪلپنا چاولا

ڪلپنا چاولا : سائنسدان ۽ ائروناٽيڪل انجنيئر ڪلپنا چاولا هندستان جي پهرين ۽ شايد سنڌي قوم جي به پهرين خلاباز (Astronaut) آهي، جيڪا پهرين جولاءِ 1960ع ۾ ڪرنال، هريانا ۾، ڄــائـي ۽ 41 سـالـن جــي ڄـمـــار ۾ 1 فيبروري 2003ع ۾ ٽيڪسـاس ۾ اسپيس شٽل ڪِرڻ سبب وفات ڪيائين. ڪلپنا سڀ کان پهرين 1997ع ۾ اسپيس شٽل ڪولمبيا (Space Shuttle Columbia) ۾ مشن اسپيشلسٽ طور شامل ٿي خلا ۾ وئي. 2003ع ۾ ڪولمبيا نالي اسپيس شٽل زميني ماحول ۾ ئي خرابي پيدا ٿيڻ ڪري ٽيڪساس رياست ۾ هوا ۾ ٽٽي، ڪِري تباهه ٿي وئي، جنهن ۾ ويل ست ئي ’ڪريو‘ (Crew) جا ماڻهو مري ويا، جن ۾ ڪلپنا چاولا به شامل هئي. ڪلپنا چاولا، ڪرنال جي ٽيگور پبلڪ اسڪول مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ۽ چنديڳڙهه مان ائروناٽيڪل انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ 1982ع ۾ آرلنگٽن يونيورسٽي، ٽيڪساس مان ايم. ايس جي ڊگري ورتي. ان کانپوءِ 1988ع ۾ ڪولوراڊو يونيورسٽيءَ مان ائرو اسپيس (Aerospace) انجنيئرنگ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري مشهور خلائي اداري ناسا ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. هوءَ سرٽيفائيڊ فلائيٽ انسٽرڪٽر پڻ هئي، جنهن ۾ هن کي جهاز ۽ گلائيڊر اڏائڻ سان گڏ ڪمرشل پائلٽ جا لائسنس به مليل هئا. ناسا (NASA) ۾ رهڻ دوران هوءِ اسپارٽن سيٽلائيٽ (Spartan Satellite) جي ٽيم ۾ به شامل رهي ۽ خلا ۾ سفر ڪيائين. خلائي گاڏيءَ جي خلا ۾ پهچڻ کانپوءِ گاڏيءَ ۾ بي وزن ٿيڻ (weightlessness) جي احساس بابت هن چيو هو: ”هتي توهان صرف ذهن آهيو.“ (يعني جسم ڪجهه به ڪونهي). ڪلپنا جي المياتي موت کانپوءِ کيس ’ڪانگريشنل اسپيس ميڊل‘، ناسا اسپيس فلائيٽ ميڊل، ناسا غير معمولي خدمت جو ميڊل ۽ ٻيا اوارڊ ڏنا ويا.


لفظ ڪلپنا چاولاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.07.01  عيسوي

سائنسدان ۽ ائروناٽيڪل انجنيئر ڪلپنا چاولا هندستان جي پهرين ۽ شايد سنڌي قوم جي به پهرين خلاباز (Astronaut) آهي، جيڪا پهرين جولاءِ 1960ع ۾ ڪرنال، هريانا ۾، ڄــائـي.


2003.02.01  عيسوي

چاولا ڪلپنا 41 سـالـن جــي ڄـمـــار ۾ 1 فيبروري 2003ع ۾ ٽيڪسـاس ۾ اسپيس شٽل ڪِرڻ سبب وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادراڪي بيگلار
ڀائي تيغ بهادر
ڄام جکرو
عبدالحق شيخ 2
نرنجن دوداڻي ڊاڪٽر
اختيار علي خشڪ
حزب الله ميمڻ شهيد
ڀرٽ عبدالحق
خوارزمي محمد بن موسيٰ
انور جوکيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون